بابر اعظم وڏو رانديگر آهي، کيس جلدي آئوٽ ڪرڻ جو پلان ٺاهيو آهي: ڏکڻ آفريقي ڪپتان

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ميٿيو بريٽزڪي چيو آهي ته بابر اعظم وڏو رانديگر آهي، اسان کيس جلد آئوٽ ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي آهي.
پاڪستان خلاف پهرين ون ڊي ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي ميٿيو بريٽزڪي چيو ته اسان جو ون ڊي ڪرڪيٽ جو اهم گروپ ناهي، نوجوانن لاءِ موقعو آهي ته هو اڳتي اچي پرفارم ڪن، ڪنڊيشن ٿوري چيلينجنگ هوندي پر اسان تيار آهيون.
هن چيو ته فيصل آباد جي پچ بابت وڌيڪ علم ناهي، ڇو ته هتي گهڻي عرصي کان ڪرڪيٽ ناهي ٿي، اسان کي ڪنڊيشن جي حساب سان پاڻ کي جلدي ايڊجسٽ ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.