باجوڙ ۾ ڪارروائي، پي ٽي آءِ ۽ اي اين پي اڳواڻن جي قتل ۾ ملوث دهشتگرد مارجي ويو

باجوڙ (ويب ڊيسڪ) باجوڙ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ پي ٽي آءِ ۽ اي اين پي اڳواڻن جي قتل ۾ ملوث دهشتگرد مارجي ويو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب باجوڙ ۾ ڪوثر جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران دهشتگرد ضياءُ الدين عرف ابراهيم ادريس کي ماريو ويو، جيڪو ڪيترين ئي هاءِ پروفائل ٽارگيٽ ڪلنگز ۾ ملوث هو.
مارجي ويل دهشتگرد پي ٽي آءِ اڳواڻ ريحان زيب، اي اين پي جي مولانا خان زيب، ڊپٽي ڪمشنر ناوگئي ۽ جي يو آءِ اڳواڻن جي قتل ۾ به شامل هو.
سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگرد ڪيترن ئي پوليس اهلڪارن کي به قتل ڪيو، هو طالبان جي ڪابل تي قبضي کان اڳ افغان جيل ۾ قيد هو، طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ کيس آزاد ڪيو ويو هو، دهشتگرد ضياءُ الدين 2023 ۾ افغانستان مان پاڪستان ۾ داخل ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.