ڪراچي (رپورٽر) امير جماعتِ اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪراچي جي نوڪرين تي قبضو ڪري ويٺي آهي ۽ شهر کي ڦرلٽ کان آزاد ڪرايو ويندو، شهر ۾ اڃا رستا ٺهيل ناهن پر شهرين کي هزارن جا اي چالان ڏنا پيا وڃن، اسان هن قبضي ۽ ڦرلٽ جي نظام کي ٽوڙينداسين، هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعتِ اسلامي جا چونڊيل نمائندا پنهنجي وس آهر وڌيڪ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اهڙوئي ڪم جاري رهندو، هڪ ڀيرو ٻيهر 9 ٽائونز ۾ ترقياتي ڪم جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي، هن چيو ته مرتضيٰ جي جي ڪم کي به انهن کي پاڻ ڏسڻو پوي ٿو، ايس-3 منصوبو ڪٿي وڃي پهتو، شهر ۾ ٽرانسپورٽ موجود ناهي، رستا تباهه لڳا پيا آهن، ڪراچي سرڪلر ريلوي تعمير ناهي ٿي رهيو، ريڊ لائن يونيورسٽي روڊ کي خراب حالت ۾ ڇڏيو ويو آهي، حافظ نعيم چيو ته ڪراچي ۾ قبضن جي سياست جاري آهي، ڳوٺن ۽ ديهن تي قبضن کان پوءِ هاڻي شهرن تي به قبضو ڪيو ويو آهي، هن مثال طور چيو ته لاهور ۾ جيڪو چالان 200 رپيا آهي، اُتي سنڌ ۾ 5 هزار رپيا جو چالان لاڳو ڪيو پيو وڃي، ڪچرو کڻڻ جا اختيارات پڻ سنڌ حڪومت وٽ آهن، گهر مان ڪچرو اٿڻ لاءِ جيڪي پئسا ادا ٿين ٿا، اهي شهرين جي ذميواري بڻيل آهن، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ وٽ گهر کان لينڊ فلڊ تائين ڪچرو پهچائڻ جو مکينزم موجود آهي، ٽائونز کي ڪم کان روڪيو پيو وڃي، سٽي وارڊنز ذريعي رڪاوٽون وجهڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن.