حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) سنڌ آبادگار بورڊ ڪڻڪ جو في مڻ امدادي اگهہ 4700 روپيا ۽ ڪمند جو اگهہ 500 روپيا مڻ مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن ته زرعي تحقيق نه ٿيڻ کي بصر جي فصل جي تباھي جو ھڪ چٽو مثال پڻ قرار ڏئي ڇڏيو آھي. ان سلسلي ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس حيدرآباد ۾ صدر محمود نواز شاھ جي صدارت ھيٺ ٿيو، جنھن ۾ ڊاڪٽر محمد بشير نظاماڻي، عمران بوزدار، محمد اسلم مري، طاھا ميمڻ، يار محمد لغاري، ارباب احسن، عبدالجليل نظاماڻي، مراد علي شاهہ بڪيرائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آبادگارن زراعت سان لاڳاپيل اھم معاملن جي نشاندهي ڪئي ۽ چيو ته زرعي تحقيق ۽ ترقيءَ جو ڪم انتهائي گھٽ ٿي رھيو آهي، جنهن جي ڪري نيون ۽ بھتر ٽيڪنالاجيز متعارف نه ٿي رهيون آهن ۽ مسئلا وڌي رهيا آهن. زرعي تحقيق نه ٿيڻ سبب بصر جي فصل جو تباھہ ٿيڻ پڻ ان جو ھڪ چٽو مثال آھي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ پيدا ٿيندڙ بصر پوري سال دوران مقامي گھرج پوري ڪرڻ کان علاوه برآمد پڻ ٿيندو رھيو. پر گذريل ٽن سالن کان آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ بصر جو فصل بيٺل حالت ۾ سڙندو رھيو ۽ ان مسئلي جي حل لاءِ نه تحقيق ڪئي وئي ۽ نه ئي ان کي بچائڻ لاءِ ڪي ٻيا اثرائتا اپاءِ ورتا ويا، جنهن ڪري گهڻن آبادگارن بصر پوکڻ ئي ڇڏي ڏنو. ان جي نتيجي ۾ هاڻي پاڪستان کي بصر برآمد ڪرڻ بدران ويتر درآمد ڪرڻو پوي ٿو. سنڌ آبادگار بورڊ چيو آھي ته زراعت ۾ لڳاتار تحقيق ۽ ترقي لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته گهٽ پيداوار، فصل لھڻ کان اڳ ۽ پوءِ وارا نقصان ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي مضبوط زرعي تحقيق ذريعي ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو. زراعت کي جٽادار رکڻ تمام اهم آهي. سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو ته گذريل سال ڏيڍ ۾ پيداواري خرچن ۾ پڻ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي، جيڪڏهن زرعي جنسن جا اگھہ وڌندڙ پيداواري خرچن موجب نه ملندا ته اھي پوکڻ معاشي طور ھاڃيڪار ٿيندو. ان ڪري زرعي معيشت کي بچائڻ لاءِ زرعي جنسن جو گهٽ ۾ گهٽ امدادي اگهہ مقرر ڪرڻ تمام ضروري آهي.