نئون صدر آڻي 27هين ترميم ذريعي اختيار وڌائڻ جو منصوبو؟

اسلام آباد (اسد طور) هن وقت پاڪستان ۾ 27هين آئيني ترميم تي بحث جاري آهي. ترميم جي معاملي ۾، هن وقت مشاورت جاري آهي، پر اڃا تائين ان جي تفصيلن تي ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو. سڀ کان وڏو سوال هي آهي ته هن ترميم ۾ ڪهڙيون تبديليون ڪيون پيون وڃن. 27هين ترميم جي شقن بدران ان ڳالهه تي بحث ٿي رهيو آهي ته اوهان ڇا سرينڊر ڪندا ۽ اوهان کي ڇا ملي سگهي ٿو.  اطلاعن موجب، ترميم جو ڊرافٽ اسلام آباد يا صوبائي حڪومتن طرفان تيار ناهي ٿي رهيو. ترميم جو ڊرافٽ اتي ٺهي رهيو آهي جتي 26هين ترميم جو ٺهيو هو، هي ڊرافٽ ٻين هٿن ۾ آهي. پ پ کي 27هين ترميم جو وڪيل بڻائڻ لاءِ آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ڏني پئي وڃي ۽ پيپلزپارٽي ان تي خوش آهي جڏهن ته ن ليگسان ڏيتي ليتي جي ضرورت ئي ناهي. ٻي طرف، مولانا فضل الرحمان هن مشاورت سان ناراض آهي ۽ ملتان ۾ هن ان بابت پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ آهي ته کين خريدڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. هن ترميم بابت راءِ آهي ته 18هين ترميم جا ڪجهه حصا، جن صوبن کي وڌيڪ خودمختياري ڏني هئي، ان کي واپس وٺڻ ۽ وفاقي حڪومت جو اختيار مضبوط ڪرڻ ضروري آهي. ان تحت بلوچستان ۾ معدني وسيلن بابت خاص اپائن تي غور ڪيو پيو وڃي. راڻا تنوير هڪ بيان ۾ چيو هو ته هن ترميم ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو ٻيهر طئي ڪيو ويندو، ڇو ته موجوده صورتحال ۾ وفاقي خزاني ۽ دفاعي خرچن لاءِ مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. هڪ اهم تبديلي اها آهي ته فوجي عدالتن بابت پڻ ڪجهه تبديليون تجويز ڪيون پيون وڃن. انهن تجويزن مطابق، فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جو دائرو وڌايو ويندو، ۽ جيڪڏهن فوج ڪنهن فيصلي ۾ ملوث ٿيندي ته ان جو جائزو عدالت نه وٺي سگهندي.  ان کانسواءِ هاءِ ڪورٽ جي اختيارن ۾ پڻ تبديليون آڻڻ جو امڪان آهي، جيئن لاپتا ماڻهن ۽ ٻين ڪيسن بابت درخواستن جو دائرو محدود ڪيو وڃي. انهن لاءِ مخصوص حدون مقرر ڪيون وينديون. ججن جي بدلي واري پاليسي ۾ پڻ تبديلن جو امڪان آهي جنهن تحت ججن کي ڪنهن به رضا مندي کان سواءِ بدلي ڪيو ويندو. آئيني عدالت جي معاملي تي اڃا راءِ اڌو اڌ آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري جو معاملو به غور هيٺ آهي.  ايوان صدر جي معاملي تي به غور ٿي رهيو آهي ته صدر جي عهدي جي اختيارن سان ڇا ڪرڻو آهي، ڇا ڪردار وڌائڻو آهي، اختيار وڌائڻ آهن يا ڇا ڪرڻو آهي؟ جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ صدر آصف علي زرداري جو عهدي تي برقرار رهڻ ڏکيو هوندو ڇو ته سندس اختيار نه وڌايا ويندا ۽ ڪنهن ٻئي کي آڻي اختيار ڏنا ويندا.  ٻئي پاسي اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گهٽيو ته ان صورت ۾ به سنڌ حڪومت، يعنيٰ پ پ جو حصو گهٽجي ويندو. ان لاءِ پ پ کي سوچي سمجهي اڳتي وڌڻ گهرجي. انهن وٽ به مزاحمت جو آپشن ناهي، ان لاءِ کين ڪشمير جي حڪومت ڏني پئي وڃي ته 8، 10 مهينا رهو.

27 هين آئي ته ڳائي وڄائي ايندي، اسان جو حق آهي: بئريسٽر عقيل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قانون ۽ انصاف جي مملڪتي وزير بئرسٽر عقيل چيو آهي ته 27 هين ترميم تي ڪم اڃا شروع ناهي ٿيو، پر جڏهن 27 هين ايندي ته اها دهل دمامن سان ايندي ۽ اهو اسان جو حق آهي. هڪ بيان ۾ بئرسٽر عقیل چيو ته سومر ڏينهن سينيٽ ۽ قومي اسمبلي جو اجلاس ناهي، جڏهن ته 26 ویں ترمیم به انهي پارليامينٽ پاران ڪئي وئي هئي، ۽ 27 ویں ترميم به اهي ئي ڪندا. هن سياسي جماعتن کي چيو ته انهن کي هن معاملي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ گهرجي، ڇو ته مقامي حڪومتن جو ڍانچو مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ 140-A ۾ بهتري جي ضرورت آهي.هن چيو ته 27 هين ترميم لاءِ انهن وٽ نمبر موجود آهن. جيڪڏهن اپوزيشن سان اتفاق راءِ نٿو ٿئي، ته انهن وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت موجود آهي، پر انهن چاهيو ته آئين ۾ ترميم تي سڀ جماعتون متفق هجن. هن ياد ڏياريو ته 26 ویں ترمیم تي پي ٽي آءِ پڻ متفق هئي. قومي اسمبلي ۾ نئين قائد حزب اختلاف جي تقرري کان پوءِ نئون چیف الیکشن ڪمشنر پڻ اچي ويندو.ٻئي طرف، سپيڪر پنجاب اسمبلي، ملڪ محمد احمد خان چيو آهي ته جيڪڏهن مقامي حڪومتن لاءِ 27 ویں ترمیم ضروري آهي، ته ان کي فوراً ڪيو وڃي. هن چيو ته بلدياتي ادارن کي سياسي، انتظامي ۽ مالي اختيار ڏيڻ گهرجن ۽ چونڊون مقرر ٿيل وقت تي ڪرائڻ لازمي هجڻ گهرجن.

سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ جون تياريون،ٿر کي نئون صوبو بڻائڻ جي تجويز؟

اسلام آباد(ذوالفقار گراماڻي)27هين ترميم ۾ نون صوبن جي قيام، 18هين ترميم جي رول بيڪ،اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي لاءِ 27هين ترميم جو پڙاڏو هلي رهيو آهي،وفاقي وزير ۽ پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر 27هين ترميم جي ڳالهه ڪري رهيا آهن،ان حوالي سان بلاول ڀٽو مولانافضل الرحمان سان ملاقات ڪري چڪو آهي،وزيراعظم سان پ پ جي لڳاتار ملاقاتن جو سلسلو به نظر اچي رهيو آهي،صدرزرداري سان به شهبازشريف ملاقاتون ڪري رهيو آهي،وزيراعظم شهبازشريف،نوازشريف سان به ون ٽو ون ملاقات ڪئي آهي،سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ جو پلان تيار ڪيو ويو آهي،جيتوڻيڪ اهي تجويزون ڪنهن حتمي ڊرافٽ جي صورت ۾ سامهون نه اچي سگهيون آهن،ٿر کي نئون صوبو بڻائي ان جي گادي وارو هنڌ مٺي کي بڻائڻ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد کي ملائي الڳ صوبو بڻائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي،سرڪاري سطح تي ان بحث جي تصديق نه ٿي سگهي آهي،طاقتور ڌرين پاران ملڪ ۾ نون صوبن لاءِ آگاهي مهم هلائڻ لاءِ هڪ وڏي نيوز چئنل جي مالڪ ميان عامر محمود کي ذميواري ڏني وئي آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.