لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار بيٽر بابر اعظم، روهت شرما جو ٽي ٽوئنٽي ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسن جو رڪارڊ ٽوڙڻ کانپوءِ ويرات ڪوهلي جو ٽي ٽوئنٽي ۾ سڀ کان 50 پلس رنسن جو رڪارڊ پڻ ٽوڙي ڇڏيو.
بابر اعظم ڏکڻ آفريقا خلاف ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 9 چوڪن جي مدد سان 68 رنسن جي اننگز کيڏي، هن ٽي ٽوئنٽي ڪيريئر ۾ 40هين ڀيري ففٽي پلس اسڪور ڪيو، جڏهن ته ويرات ڪوهلي ان فارميٽ ۾ 39 ڀيرا ففٽي پلس اسڪور ڪيو هيو.
بابر اعظم 131 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 37 ففٽيون ۽ 3 سينچريون اسڪور ڪري چڪو آهي.
You might also like