ڪين وليمسن جو ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ڪين وليمسن ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ موجب ڪين وليمسن اهو فيصلو پنهنجي عالمي ڪيريئر جو بار گهٽائڻ ۽ ون ڊي ۽ ٽيسٽ تي ڌيان ڏيڻ لاءِ ڪيو آهي.
ان حوالي سان ڪين وليمسن چيو ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ کيڏڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، مان پنهنجي ساٿي رانديگرن، ڪوچن ۽ چاهيندڙن جو ٿورائتو آهيان، جن سدائين منهنجو ساٿ ڏنو.
واضح رهي ته ڪين وليمسن 93 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ نيوزيلينڊ جي نمائندگي ڪندي 2575 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 18 ففٽيون شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.