ميران شاهه (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد ڀرسان سيڪيورٽي فورسز اهم ڪارروائي ڪندي ٻن خارجين کي ماري ڇڏيو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب خارجين خلاف ڪارروائي ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي عمل ۾ آندي وئي، ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه خارجي مارجي ويا.
سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته مارجي ويل خارجين مان هڪ جو واسطو افغان طالبان سان آهي.
You might also like