پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ ڌماڪي سبب هڪ اهلڪار شهيد، جڏهن ته ٻه زخمي ٿي پيا.
پشاور ۾ يونيورسٽي روڊ تي سي ٽي ڊي ٿاڻي جي هٿيارن جي گودام ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ ٻه زخمي ٿي پيا.
اختيارين موجب ڌماڪو هٿيارن جي گودام ۾ رکيل پراڻو ڌماڪيدار مواد ڦاٽڻ سبب ٿيو، ڌماڪي کانپوءِ باهه لڳي وئي، جنهن کانپوءِ وڌيڪ ڌماڪا ٿيا، جڏهن ته عمارت جو هڪ حصو ڪِري پيو.
پوليس ٻڌايو ته ٿاڻي ۾ موجود جوابدارن کي سي ٽي ڊي هيڊ ڪوارٽر منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سي ٽي ڊي ٿاڻي ۽ ڀرپاسي جي علائقي کي سيل ڪيو ويو آهي.
اختيارين چيو ته علائقي ۾ ڪليئرنس جو عمل جاري آهي، شروعاتي طور اهو واقعو دهشتگردي جي ڪارروائي نٿو لڳي.
You might also like