نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست آندرا پرديش جي هڪ مندر ۾ ڀاڄ پوڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 9 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو ڪاڪولم ضلعي جي علائقي ڪاسي بُگگا جي وينڪٽيشور مندر ۾ ان وقت پيش آيو، جڏهن اتي وڏي انگ ۾ عقيدتمند موجود هئا.
پوليس موجب اتي داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ جو رڳو هڪ ئي رستو آهي، اهو واقعو ڏاڪڻين ڀرسان لوهه جي ڄاري ڪِرڻ سبب پيش آيو، ڄاري ڪرڻ کانپوءِ عوام خوف وچان ڀڄڻ شروع ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ فوتگيون ٿيون.
واضح رهي ته ڀارت ۾ مذهبي تهوارن ۽ وڏن عوامي ميڙاڪن دوران ڀاڄ جا واقعا عام آهن.
Prev Post
You might also like