ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عامر کي ابو ظهبي ٽي10 ليگ لاءِ ڪوئيٽا ڪيولريز جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
هلندڙ مهيني هلندڙ مهيني 18 نومبر کان شروع ٿيندڙ ابوظهبي ٽي ٽين ليگ ۾ ڪوئيٽا جي ٽيم پهريون ڀيرو حصو وٺي رهي آهي.
اهو اعلان ٽيم طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ اينيميٽيڊ پوسٽر ذريعي ڪيو ويو.
ڪوئيٽا ڪيولريز پنهنجي مهم جي شروعات ناردرن واريئرز خلاف افتتاحي ميچ سان ڪندي، جڏهن ته ٻي ميچ 19 نومبر تي عجمان ٽائيٽنز ۽ ٽِيون مقابلو 21 نومبر تي ڊيڪن گليڊيئيٽرز خلاف شيڊيول آهي.
چوٿين ميچ ۾ ڪوئيٽا 22 نومبر تي دهلي بلز سان مهاڏو اٽڪائيندي، جڏهن ته آخري ٻه مقابلا 27 ۽ 28 نومبر تي ويسٽا رائيڊرز ۽ رائل چيمپس خلاف رٿيل آهن.
ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر بيٽر اعظم خان کي زمبابوي جي سڪندر رضا جي جاءِ تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته سڪندر رضا قومي ذميوارين سبب ليگ ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو، هو هن وقت افغانستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ زمبابوي جي قيادت ڪري رهيو آهي.
ٽيم جي ڪوچنگ جون ذميواريون ياسر عرفات حوالي ڪيون ويون آهن، جڏهن ته جاويريا خان ٽيم ڊائريڪٽر جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏيندي.
Next Post
You might also like