پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور پوليس ڪارروائي ڪندي پوليس ۽ ايف سي جي وردين ۾ ڦر جون وارداتون ڪندڙ خطرناڪ بين الاضلاعي گروهه جي 4 جوابدارن کي ماري ڇڏيو.
پوليس موجب گروهه 4 ڏينهن اڳ هڪ ڊاڪٽر جي گهر مان ڪروڙين رپيا روڪ ۽ زيور ڦر ڪيا هئا، چمڪني پوليس ميرا ڪڇوڙي مهل گل ڪلي ۾ جوابدارن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي.
پوليس جي پهچڻ تي ڦورن فائرنگ شروع ڪري ڇڏي، جنهن جي جواب ۾ اهلڪارن جي فائرنگ ۾ چارئي جوابدار مارجي ويا.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته مارجي ويل چئني ڦورن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، جن مان 3 جو واسطو افغانستان سان آهي.
Next Post
					You might also like