اڳوڻو وڏو وزير آفتاب شعبان ميراڻي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جو اڳوڻو وڏ وزير آفتاب شعبان ميراڻي علالت کانپوءِ لاڏاڻو ڪري ويو.
گهر ڀاتين لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو ته جنازي نماز اڄ رات 10 وڳي مسجد بيت الاسلام ڊفينس فيز ٽو ۾ ادا ڪئي ويندي ۽ تدفين گذري قبرستان ۾ ڪئي ويندي.
آفتاب شعبان ميراڻي جو واسطو شڪارپور سان هو، هو ڪيترن ئي ڏينهن کان بيمار ۽ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، سندس شمار پ پ جي سينيئر ترين اڳواڻن ۾ ٿيندو هو.
آفتاب شعبان ميراڻي جي لاڏاڻي تي صدر آصف علي زرداري افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي ويجهن ساٿين ۾ شامل هو.
وڏي وزير مراد علي شاهه پڻ آفتاب شعبان ميراڻي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.