”مان رشتي ۾ ڊمپل ڪباڊيا جو چاچو ٿيان“ فيصل ڪپاڊيا جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور گلوڪار، موسيقار ۽ 30 ورهين تائين”اسٽرنگز“ بئنڊ جو حصو رهندڙ فيصل ڪپاڊيا انڪشاف ڪيو آهي ته بالي ووڊ اداڪارا ڊمپل ڪپاڊيا رشتي سندس ڀائيٽي ٿئي.
ويجهڙ ۾ فيصل ڪپاڊيا هڪ پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏنو، جنهن دوران هن پنهنجي ڪيريئر سميت مختلف موضوعن تي ڳالهايو.
انٽرويو دوران ميزبان فيصل ڪپاڊيا کان پڇيو ته”توهان کي ڪڏهن محسوس ٿيو ته توهان ڳائي سگهو ٿا؟“
جنهن جي جواب ۾ فيصل ڪپاڊيا چيو ته ”مون پهريون ڀيرو 1980ع ۾ پاڪستان جي مشهور ميوزڪ ڪمپوزر سهيل راڻا صاحب جي ٻارن جي پروگرام ” ساري دوست هماري“ ۾ پرفارم ڪيو هو ۽ ان وقت منهنجي عمر 9 کان 10 سال هئي.“
فيصل ڪپاڊيا ان دوران انڪشاف ڪيو ته ” مان رشتي ۾ ڀارتي اداڪارا ڊمپل ڪپاڊيا جو چاچو ٿيان، سندس مرحوم والد چني ڀائي 1984ع ۾ اسان جي سئوٽ جي شادي ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان پڻ آيو هو.“
فيصل ڪپاڊيا موجب ” جڏهن چني ڀائي ڪراچي آيا، تڏهن مون پنهنجي سئوٽ جي شادي ۾ گيت ڳايو هو، ان وقت چني ڀائي مون سان واعدو ڪيو ته هو مون کي بالي ووڊ ۾ ڳائڻ جو موقعو ڏيندو، پر ڪجهه عرصي کانپوءِ هو لاڏاڻو ڪري ويو.“
گلوڪار وڌيڪ چيو ته ان کانپوءِ هن بالي ووڊ لاءِ به ڳايو، سندس پهريون بالي ووڊ گيت ”يه هي يه هي ميري ڪهاني“ ۽ ٻيو گانو ”اسپائيڊر“ هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.