سي ٽي ڊي ڪراچي پاران غني امان ۽ سرمد ميراڻي جي گرفتاري ظاهر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ڪراچي مبينا طور کنڀجي ويل شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي.
سي ٽي ڊي دعويٰ ڪئي آهي ته ڳجهي اطلاع تي مڇر ڪالوني ۾ ڪارروائي ڪري ايس آر اي جي گهربل دهشتگردن غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي گرفتار ڪيو ويو.
سي ٽي ڊي جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته جوابدران جي قبضي مان 2 دستي بم ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو، انهن خلاف اڳ ۾ 5 ڪيس داخل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.