سنڌ ۾ ايم پي اي جي ڪمپني جا ٺيڪا روائيز ڪري لاڳت ۾ غيرمعمولي واڌارو؟

ڪراچي (ارباب چانڊيو) چيف منسٽر سيڪريٽريٽ لاءِ نئين عمارت جي خرچن ۾ غير معمولي واڌ ٿي آهي. ٽينڊر 2021 ۾ ٿيو، هڪ ارب، 19 ڪروڙ، 76 لک، 73 هزار رپيا جاري ڪيا ويا اها رقم هڪ ئي ڌڪ ۾ ٺيڪيدار کي جاري ڪئي وئي. ڪمپني جو ٺيڪيدار اسيمبلي ميمبر آهي ۽ ان جو بيوروڪريسي سان ڳٺ جوڙ آهي ۽ مال ۾ اڌ و اڌ ڪن ٿا. عمارت جي ٽينڊر جي سئو سيڪڙو رقم هڪ ڌڪ ۾ جاري ڪئي وئي پر عمارت جو ڪم 30 سيڪڙو به ناهي ٿيو. عمارت ٺاهڻ جو مدو 2 سال ڏنل هو پر مدو پورو ٿي ويو، ڪم مڪمل نه ٿيو. ساڳئي اسڪيم کي 2025-26 جي بجيٽ ۾ ورجايو ويو. منصوبي جي لاڳت وڌائي وئي، نئين لاڳت 3 ارب، 70 ڪروڙ، 15 لک 40 هزار رپيا ڪئي وئي. يعنيٰ پهرئين رقم کان 120 سيڪڙو کان وڌيڪ رقم ڄاڻائي وئي آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته عمارت اڃا پوري ناهي ٿي، ان جي بيسمينٽ ۾ پاڻي بيٺل آهي. اطلاعن موجب، اتان روز 2 ٽينڪر پاڻي ڪڍيو پيو وڃي ڇو ته بيسمينٽ ۾ ليڪيج آهي. ان ڏس ۾ هڪ اسسٽنٽ انجنيئر (جيڪو ايڪسئين به ناهي) سب ڊويزن 2 ۾ شامل هو، ان کي او پي ايس تي 1 تي لڳايو ويو آهي. هي شخص انهن ڪمن جو ماسٽر مائينڊ آهي. مالي گهوٻي جو ڪارنامو ان ئي انجام ڏنو آهي پر هي اڪيلو ناهي، هن سان بيوروڪريسي جا ٻيا ماڻهو به آهن ۽ حصو پتي ڪري رهيا آهن. ٻي عمارت اي ايس ڊي ايس فليٽ جي نالي سان آهي. يعنيٰ ڊپٽي سيڪريٽري يا ايڊيشنل سيڪريٽري فليٽ آهن. اها ايم اي جناح روڊ تي آهي، پهريون ٽينڊر 77 ڪروڙ، 45 لک، 67 هزار رپيا، جيڪو مئي 2024 ۾ ٿيو. ان جو ڪم ٻن سالن ۾ ٿيڻو هو، ٺيڪيدار کي ايڊوانس ۾ مڪمل رقم جاري ڪئي وئي کانئس ڪا گارنٽي به نه ورتي وئي. اهو ڪم به اڃا مڪمل ناهي ٿيو. هن عمارت جو رڳو بيسمينٽ ٺهيو آهي ۽ پهرئين فلور جي شٽرنگ لڳي آهي جڏهن ته 9 فلور، 2 ٽاور ٺهڻا آهن. ان کي به روائيز ڪيو ويو. رقم کي وڌائي هڪ ارب، 84 ڪروڙ، 78 لک رپيا 95 هزار رپيا ڪيو ويو، يعنيٰ 120 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي. ٽئين عمارت ڊپٽي سيڪريٽريز فليٽ، گلستان جوهر، 2022 ۾ ٽينڊر ٿيو، 82 ڪروڙ، 7 لک جاري ڪيا ويا، رقم 100 سيڪڙو جاري ٿي، اسڪيم اڃا 4 منزل به ناهي ٺهي پر 11 ماڙ ٺهڻي آهي. ان جي بجيٽ روائيز ڪئي وئي، ان کي 2 ارب، 52 ڪروڙ، 40 لک رپيا ڪيو ويو. ان ۾ تقريبن 200 سيڪڙو واڌ ٿئي ٿي. خيال رهي ته سيپرا قانون تحت اوهان رقم 15 سيڪڙو روائيز ڪري سگهو ٿا. ان کان وڌيڪ نٿا ڪري سگهو. اهي مالي گهوٻيون گهٽ ۾ گهٽ ساڍا 6 ارب رپين جون ٿين ٿيون. عدالتي منع نامي باوجود ماڻهو پنهنجي من ماني ڪن ٿا، ماڻهن کي او پي ايس تي رکي هڪ کان ٻيو ڪم ورتو وڃي ٿو، اهي ماسٽر مائينڊ چيا وڃن ٿا. اسيمبلي ميمبرن جي ڪمپني بيوروڪريسي سان گڏجي اهو ڪم ڪري ٿي. پوءِ چئو ٿا ته اسان جو ٽيڪس ڪيڏانهن وڃي ٿو؟ ان سلسلي ۾ وڌيڪ تفصيل جلد ايندا.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 01 نومبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.