اينڊرائيڊ فون جي ڳجهي سيٽنگ جيڪا اسٽوريج وارو مسئلو ئي ختم ڪري ڇڏيندي، استعمال جو طريقو ڄاڻيو

سمارٽ فونز ۾ ڪيئي ايپليڪيشنز موجود هونديون آهن پر وڌيڪ امڪان اهو هوندو آهي ته انهن مان ڪيتريون ئي اهڙيون هونديون آهن جنهن کي تمام گهٽ استعمال ڪيو ويندو آهي.
يعني ڪجهه ايپس اهڙيون هونديون آهن جن کي توهان روزانو استعمال ڪندا آهيو، ڪجهه اهڙيون هونديون آهن جن کي ڪڏهن ڪڏهن کوليو ويندو آهي.
جيئن ته اهڙيون ايپس ڪڏهن ڪنهن ڪم آيون هونديون آهن تنهنڪري گهڻا ماڻهو انهن کي فون ۾ انسٽال رکن ٿا يا اڪثر وساري به ويندا آهن ته ڊيوائس ۾ ڪهڙيون ايپس موجود آهن.
ان جو نقصان اهو ٿيندو آهي ته ڀلي توهان اها ايپ استعمال نه به ڪريو ، تڏهن به فون جي اسٽوريج ڀرجي ويندي آهي.
اهڙين ايپس کي ڊليٽ به ڪري سگهجي ٿو پر جڏهن ضرورت پوي ته پوءِ ٻيهر انسٽال ڪرڻي پوندي ۽ اِها ڳالهه به گهڻ ماڻهن کي ناهي وڻندي.
پر ان مسئلي جو حل لڳ ڀڳ هر اينڊرائيڊ فون جي اهڙي سيٽنگ ۾ موجود آهي جنهن بابت گهڻن ماڻهن کي پتو ئي ناهي.
اِهو آهي ايپ آرڪائيو فيچر جيڪو ايپ جا مختلف حصا جهڙوڪ عارضي فائلون، پرمشنز ۽ سافٽ ويئر وغيره کي فون مان ختم ڪري ڇڏيندو آهي، پر ايپس ڊيوائس ۾ موجود هونديون آهن.
ائين ٿيڻ سان ايپ استعمال نٿي ڪري سگهجي پر اسٽوريج وڌي ويندي آهي.
ضرورت پوڻ تي توهان ايپ کي ٻيهر ان جي اصلي صورت ۾ ري اسٽور ڪري سگهو ٿا.
ايپ کي آرڪائيو ڪرڻ سمارٽ فون کي فيڪٽري ري سيٽ ڪرڻ کانسواءِ صاف رکڻ جو سولو طريقو آهي.

اينڊرائيڊ فونز ۾ ايپس کي ڪيئن آرڪائيو ڪجي؟
اينڊرائيڊ فونز ۾ ايپس کي آرڪائيو ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن
هڪ ته گوگل پلي اسٽور ذريعي ائين ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو، جڏهن ته ٻئي ۾ پاڻ کي ائين ڪرڻو پوندو آهي.
گوگل پلي اسٽور جو طريقو پاڻمرادو ڪم ڪندو آهي ۽ عام واهپيدارن لاءِ بهترين هوندو آهي، ڇو ته توهان کي هر هڪ ايپ کي الڳ الڳ کولڻ ۽ پاڻ آرڪائيو ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي.
هي طريقو اينڊرائيڊ فون جي اسٽوريج کي بچائڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ گوگل پلي اسٽور کوليو.
اتان مٿي ساڄي پاسي موجود پروفائيل آئڪن تي ڪلڪ ڪري سيٽنگز ۾ وڃو.
سيٽنگز ۾ جنرل ٽيب تي ڪلڪ ڪريو ۽ هيٺ اسڪروول ڪري آٽوميٽڪلي آرڪائيو ايپس جي آپشن کي آن ڪري ڇڏيو.
ائين ڪرڻ کانپوءِ پلي اسٽور اهڙين ايپس کي آرڪائيو ڪري ڇڏيندو جن کي استعمال نه ڪيو ويندو آهي ۽ ائين تڏهن ٿيندو جڏهن فون جي اسٽوريج جي حد هڪ خاص سطح تي پهچي ويندي.
جيڪڏهن توهان ايپس کي پاڻ آرڪائيو ۾ منتقل ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ سيٽنگز ۾ هر ايپ کي کولڻو پوندو.
ان لاءِ فون سيٽنگز کوليو ۽ اها ايپ چونڊيو جيڪا آرڪائيو ڪرڻي آهي.
اتان هيٺ موجود آرڪائيو بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو، واضح رهي ته ڪجهه اينڊرائيڊ فونز ۾ مينيوئل آرڪائيو وارو فيچر نه هوندو آهي، تنهنڪري انهن ۾ گوگل پلي اسٽور وارو آپشن ئي ڪم ڪندو آهي.

آرڪائيو ايپس کي ري اسٽور ڪيئن ڪجي؟
جيڪڏهن توهان ڪنهن آرڪائيو ايپ کي ري اسٽور ڪرڻ چاهيو ٿا ته اهو به تمام سولو آهي.
ان لاءِ سيٽنگز ۾ ايپس ۽ پوءِ آرڪائيو ايپس ۾ وڃي ري اسٽور جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.
ائين ڪرڻ سان پلي اسٽور ايپ کي ٻيهر ڊائون لوڊ ڪندو ۽ اِهو عمل ڪجهه سيڪنڊن اندر مڪمل ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.