سڄي عمر مضبوط ڏندن لاءِ هي ٻه عادتون اپنايو

ڏند هاضمي جي پهرين مرحلي جي طور تي ڪم ڪندا آهن. ٽٽل ڏند يا انهن جي خراب صحت چٻاڙڻ جي صلاحيت کي متاٽر ڪندي آهي ۽ هاضمي جي ٻين عضون تي ٻار وجهندي آهي. ڏند ڪِرڻ جي نتيجي ۾ مَهارُن جي جي فعاليت، تقرير جي صلاحيت ۽ منهن جي ظاهري شڪل متاثر ٿيندي آهي.

پر ٻي پاسي جيڪڏهن ڏند ۽ انهن جي چٻاڙڻ جي صلاحيت مضبوط هجي ته کائڻ جو عمل، ان هي هاضمي ۽ خوراڪ کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت بهترين ٿي ويندي آهي. مظبو ڏندن لاءِ جيڪڏهن به ڪم معمول بڻايا وڃن ته نه رڳو هاڻ پر پوڙهائپ ۾ به ڏندن جي مضبوطي کي قائم رکي سگھجي ٿو.

1-اڄ ڪالهه گھڻا ماڻهو سهولتن لاءِ ميون ۽ ڀاڄين جي رس کي ترجيح ڏيندا آهن. پر ڏندن جي صحت کي برقرار رکڻ لاءِ ميون کي سڌي ريت ڪاٽڻ ۽ چٻاڙڻ گھڻو ضروري آهي. هڪ پراڻي چوڻي آهي ته حرڪت ڪندڙ در کي ڪڏهن به اڏوهي ناهي لڳندي ۽ وهندڙ پاڻي ڪڏهن به خراب ناهي هوندو. اهڙيءَ طرح ڏندن کي مضبوط رکڻ لاءِ انهن جي حرڪت ضروري آهي ۽ ان ڪري سڀ کان سولو طريقو پنهنجن ڏندن کي کوليندا ۽ بند ڪندا رهو.

ڏندن کي کولڻ ۽ بند ڪرڻ سان ٿُڪَ خارج ٿيندي آهي جنهن سان ڏندن ۾ موجود خوردبين ذرڙا ڳهجي ويندا آهن ۽ ڏندن جي صفائي ۾ مدد ملندي آهي. روز صبح جو 36 ڀيرا ڏندن کي کولي بند ڪرڻ سان پوڙهائپ. جيڪڏهن نوجوان ان عادت کي اپنائين ته پوڙهائپ ۾ به سندن ڏند مضبوط رهي سگھن ٿا.

2-اهڙيءَ طرح هڪ مُرڪب آهي جنهن کي Diversifolius poplar resin powder چيو ويندو هو. اهو شفا جو خاصيتون رکندڙ پائوڊر هندملائيءَ جي وڻن جي رسُ مان تيار ڪيو ويندو آهي پر جيڪڏهن ان کي ٻين جُزن جهڙوڪ فارس جو شورا گاههُ (نچ ٻوٽي) هڪ قسم جي جڙي ٻوٽي، سان گڏائي سنهڙي پائوڊر جي شڪل ڏني وڃي ۽ ڏندن تي لڳايو وڃي ته پوڙهائپ تائين ڏند پنهنجي اصُل حالت ۾ برقرار رهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.