مينار پاڪستان تي جلسي جي اجازت لاءِ پي ٽي آءِ جو وڏو قدم

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف مينار پاڪستان تي جلسي جي اجازت حاصل ڪرڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ به پٽيشن داخل ڪري ڇڏي.
پي ٽي آءِ 5 آڪٽوبر تي مينار پاڪستان جلسي لاءِ گذريل ڏينهن ڊپٽي ڪمشنر لاهور کي درخواست ڏني هئي، جڏهن ته هاڻ پي ٽي آءِ سينٽرل پنجاب جي سينيئر نائب صدر اڪمل خان باري طرفان پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فاروق حيدر جي عدالت ۾ سڀاڻي صبح پٽيشن تي ٻڌڻي ٿيندي.
ان حوالي سان تحريڪ انصاف اڳواڻ اڪمل باري چيو ته مينار پاڪستان ۾ جلسو ڪرڻ اسان جو آئيني ۽ جمهوري حق آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.