ڇا چارجر پلگ ۾ لڳل رهڻ سان بجلي زيان ٿيندي آهي؟ ضروري ڄاڻ

گهرن ۽ آفيسن ۾ موبائل يا ليپ ٽاپ جي چارجرن کي پلگ ۾ لڳائي ڇڏي ڏيڻ عام عادت آهي ۽ تقريبن سڀئي ماڻهو ائين ڪندا آهن.
پر ماهرن موجب اهو معمولي عمل روز جي بنياد تي بجلي جي زيان جو ڪارڻ بڻجي ٿو.
جديد تحقيق ٻڌائي ٿي ته جيڪڏهن چارجر سوئچ ۾ لڳل هجي ۽ آن هجي، پوءِ ڀلي ڪا ڊوائس لڳل نه هجي ته به اهو بجلي استعمال ڪندو رهندو آهي.
توانائي جي ماهر انجنيئر وقار احمد موجب بجلي جي زيان جي ان عمل کي ”اسٽينڊ باءِ پاور ڪنزمپشن“ چيو ويندو آهي.
چارجر جي اندر موجود سرڪٽ سدائين تيار حالت ۾ رهندو آهي ته جيئن فون يا ليپ ٽاپ ڪنيڪٽ ٿيڻ سان ئي چارجنگ شروع ڪري ڇڏي.
جيڪڏهن ڪنيڪٽ نه ڪيو وڃي پر سوئچ آن رهي ته ان صورت ۾ به بجلي خرچ ٿيندي رهندي آهي.
پر ڇو ته بجلي جو زيان معمولي هوندو آهي، جيڪو عام واهپيدار کي نظر ناهي ايندو، تنهن ڪري ائين محسوس ٿيندو آهي ته سوئچ آن رهڻ جو بجلي جي بل تي ڪو اثر نه پوندو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته موبائل فون جا چارجر عام طور تي 0.1 واٽ کان 0.5 واٽ تائين بجلي زيان ڪندا آهن، جڏهن ته ليپ ٽاپ جي وڏي چارجر ۾ اهو مقدار عام طور تي 1 کان 4 واٽ تائين ٿي سگهي ٿو.
ماهرن موجب توڙي جو اهو مقدار گهٽ معلوم ٿئي ٿو پر جيڪڏهن گهرن ۾ هڪ کان وڌيڪ چارجر مسلسل پلگ ۾ لڳل رهن ته مجموعي طور تي بجلي جو زيان ذڪر جوڳي سطح تائين پهچي ويندو آهي.
ماهرن واهپيدارن کي صلاح ڏني آهي ته جيڪڏهن چارجر استعمال ۾ نه هجي ته سوئچ بند ڪري ڇڏڻ گهرجي يا چارجر ڪڍڻ بجلي جي بچت لا بهترين عادت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.