اوگرا ايل پي جي جا اگهه وڌائي ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي جا اگهه وڌائي ڇڏيا.
اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ايل پي جي في ڪلو 7 ر پيا 39 پئسا مهانگي ٿي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، ايل پي جي جو 11.8 ڪلو جو گهريلو سلينڊر 87 رپيا 21 پئسا مهانگو ٿي ويو .
في ڪلو ايل پي جي جي نئين قيمت 208 رپيا 99 پئسا ۽ گهريلو سلينڊر جي نئين قيمت 2466 رپيا 10 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.
اوگرا جي نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايل پي جي جا نوان اگهه فوري طور لاڳو هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.