اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪِ تحفظ آئين پاڪستان حڪومت سان ڳالهين لاءِ شرط پيش ڪري ڇڏيا ۽ مطالبو ڪيو آهي ته چوري ٿيل چونڊن کي ترت ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پنهنجي مطالبن ۾ چيو آهي ته سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي ۽ 1973ع وارو آئين پنهنجي اصل صورت ۾ بحال ڪيو وڃي.
مطالبن ۾ چيو ويو آهي ته سياستدانن جي مڪمل بالادستي يقيني بڻائي وڃي، اندروني ۽ ٻاهرين پاليسيون پارليامينٽ جوڙيندي، ميڊيا جي آزادي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ پيڪا جهڙن قانونن کي لازمي طور ختم ڪيو وڃي.
مطالبن ۾ وڌيڪ چيوويو آهي ته آزاد ۽ خودمختيار اليڪشن ڪميشن تحت شفاف چونڊون ڪرايون وڃن.
Next Post
You might also like