پاڪستان ۽ ڀارت ايندڙ مهيني دوحا ۾ دوبدو، ايشيا ڪپ رائزنگ اسٽارز چيمپيئن شپ جو شيڊيول جاري

دبئي (ويب ڊيسڪ) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) باضابطا طور ايشيا ڪپ رائزنگ اسٽارز چيمپيئن شپ 2025ع (جنهن کي اڳ ايمرجنگ ايشيا ڪپ چيو ويندو هو) جو شيڊيول ۽ گروپن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
اي سي سي موجب، ايشيا ڪپ رائزنگ اسٽارز چيمپيئن شپ جا مقابلا 14 کان 23 نومبر تائين قطر جي راڄڌاني دوحا ۾ جاري رهندا، ميگا ايونٽ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تحت کيڏيو ويندو، جنهن ۾ فائنل سميت ڪُل 15 ميچون ٿينديون.
اي سي سي جو چوڻ آهي ته ايونٽ ۾ اٺ ٽيمون حصو وٺنديون، جن ۾ پاڪستان، ڀارت، سريلنڪا، بنگلاديش، افغانستان، گڏيل عرب امارات، عمان ۽ هانگ ڪانگ شامل آهن.
گروپ اي ۾ سريلنڪا، بنگلاديش، افغانستان ۽ هانگ ڪانگ شامل آهن، جڏهن ته گروپ بي ۾ پاڪستان، ڀارت، گڏيل عرب امارات ۽ عمان کي رکيو ويو آهي.
پاڪستان ٽيم پنهنجي مهم جي شروعات 14 نومبر تي عمان خلاف ميچ سان ڪندي، جڏهن ته ٽورنامينٽ جو سڀ کان وڏو ٽاڪرو يعني پاڪ ڀارت ميچ 16 نومبر تي کيڏي ويندي.
ايونٽ جون سيمي فائنل ميچون 21 ۽ 23 نومبر تي ٿينديون.
واضح رهي ته ايمرجنگ ايشيا ڪپ ۾ ٽيسٽ کيڏندڙ ملڪن جون ”اي ٽيمون“ شرڪت ڪنديون آهن، جڏهن ته ايسوسيئيٽ نيشنز جون ”فل اسٽرينٿ“ ٽيمون حصو وٺنديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.