ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس جياليڪٽرناڪ چالان نظام ۾ خاميون سامهون اچي ويون. چالان جنهن شهري کي اماڻيو ويو هو لاڳاپيل شهري جو نه هو. متاثر شهري چيو ته موٽرسائيڪل تي نمبر پليٽ جو نمبر ٻيو آهي ۽ چالان تي لکيل نمبر مختلف آهي، چالان وارو نمبر منهنجو ناهي. چالان ۾ وقت 27 آڪٽوبر صبح 9لڳي 45 منٽ ۽ هنڌ 3 تلوار ڏنو ويو آهي پرمان ان وقت اسڪيم 33 ۾ پنهنجي گهر ۾ هيس. بنا هيلميٽ جي موٽرسائيڪل هلائڻ تي اڍائيهزار رپين جو چالان ڪيو ويو ۽ 6 ڊي ميرٽ پوائنٽس به ڏنا ويا آهن. شهري چيو ته جيڪڏهن اي چالان ۾ به غلطيون ٿين ته شهري ڪاڏي وڃن؟ شهرين جي شڪايت آهي ته ڪيمرائون لڳيون آهن پر آگاهي لاءِ بينر ناهن لڳا.
 
			