پاڪستان، ترڪي جي درخواست تي هڪ ڀيرو وري افغانستان سان ڳالهين تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

ستنبول(ويب ڊيسڪ) پاڪستان افغانستان سان ٻيهر ڳالهيون شروع ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته افغانستان سان ڳالهيون ڪامياب نه ٿيڻ تي پاڪستاني وفد اڄ واپس اچڻو هو، پر ترڪيه جي اختيارين پاڪستاني وفد کي ترسڻ جي دخواست ڪئي هئي جنهن تي پاڪستاني وفد استنبول ۾ ئي موجود آهي.
ذريعن موجب، افغان اختيارين به ڳالهين جي حوالي سان سفارتي سطح تي رابطا ڪيا آهن جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهين جو سلسلو ٻيهر بحال ٿي رهيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ترڪيه جي خواهش آهي ته هن جي ميزباني ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.