ميلبورن (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ پريڪٽس دوران نوجوان ڪرڪيٽر بين آسٽن ڪنڌ تي بال لڳڻ سبب زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو.
اڱاري ڏينهن، 17 ورهين جي بين آسٽن نيٽ ۾ پريڪٽس ڪري رهيو هو، جنهن دوران”هينڊ هيلڊ بال لانچر“ ذريعي ڪرايل بال سندس ڪنڌ تي لڳو. پريڪٽس دوران کيس هيلمٽ ضرور پاتل هو، پر ڪنڌ جي بچاءَ لاءِ هن ڪجهه به نه پاتو هو.
واقعي واري هنڌ موجود طبي عملدارن ترت سندس مدد ڪئي ۽ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو، جتي کيس لائف سپورٽ تي رکيو ويو، پر خميس ڏينهن هُن دم ڌڻي حوالي ڪيو.
بين جي پيءُ جيس آسٽن چيو ته نوجوان پٽ جو وڇوڙو سندس ڪٽنب لاءِ “گهرو صدمو” آهي.
ڪرڪيٽ وڪٽوريا جي سي اي او، نِڪ ڪمنزجو چو آهي ته بين کي بلڪل اهڙي نموني بال لڳو، جيئن ڏهه سال اڳ آسٽريلوي ڪرڪيٽر فلپ هييوز کي لڳو هو.
ياد رهي ته 25 نومبر 2014ع تي شيفيلڊ شيلڊ (آسٽريلوي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ) جي ميچ ۾ بيٽنگ دوران بيٽر فلپ هييوز کي ڪنڌ تي بال لڳو، جنهن بعد هو ميدان تي ڪري پيو.
فلپ هييوز ڪجهه ڏينهن ڪوما ۾ رهڻ بعد 27 نومبر تي فوت ٿي ويو.
Prev Post
You might also like