اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) روسي تيل ڪمپنين تي آمريڪي پابندين کانپوءِ، پهرين نومبر کان پيٽروليم شيون مهانگيون ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، پيٽرول اگهه ۾ هڪ رپيو 48 پئسا ۽ ڊيزل ۾ 2 رپيا 34 پئسا في ليٽر واڌ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
جيڪڏهن موجوده صورتحال برقرار رهي ته پهرين نومبر کان پيٽرول جي نئين قيمت 264 رپيا 50 پئسا، ڊيزل 276 رپيا 80 پئسا، گاسليٽ 184 رپيا 05 پسا، ۽ لائيٽ ڊيزل 163 رپيا 25 پئسا في ليٽر تائين پهچي سگهي ٿو.
حتمي قيمتن جو اعلان 15 ڏينهن جي درآمدي ۽ مٽا سٽا ناڻي جي انگن اکرن جو جائزو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 31 آڪٽوبر جي شام ڪيو ويندو.
قيمتن ۾ واڌ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن ۽ روس جي وڏين تيل ڪمپنين تي آمريڪا جي تازين پابندين جي اثرن سبب متوقع آهي.
You might also like