سون اگهه ۾ وڏي واڌ بعد معمولي لاٿ، تولو ڪٿي پهتو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جي اگهه ۾ گذريل ڏينهن وڏي واڌ کانپوءِ اڄ معمولي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون هڪ هزار رپيا سستو ٿيڻ بعد 4 لک 18 هزار 862 رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 857 رپيا لاٿ سان 3 لک 59 هزار 106 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 10 ڊالر گهٽتائي بعد 3965 ڊالر جو ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.