ڍاڪا(م ڊ) پاڪستان ۽ بنگلاديش جي تعلقات ۾ اهم اڳ ڀرائي سامهون آئي آهي ۽ ٻنهي ملڪن ۾ ٻه طرفي اقتصادي ۽ ترقياتي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم سنگ ميل طئي ڪيو ويو آهي. پڌرائي مطابق ڍاڪا ۾ 20 سالن کان پوءِ پاڪستان ۽ بنگلاديش جو نئين جوائنٽ اقتصادي ڪميشن جو اجلاس ٿيو. اجلاس جي صدارت پاڪستان جي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ ۽ بنگلاديش جي ناڻي واري صلاحڪار ڪئي. پڌرائي مطابق، پاڪستان نے بنگلاديش کي ڪراچي بندرگاهه پورٽ جي استعمال جي آڇ ڪئي آهي، جنهن ذريعي بنگلاديش ڪراچي پورٽ مان چين ۽ وچ اوڀر، وچ ايشيا سان تجارت ڪري سگهندو. پڌرائي مطابق، ٻنهي ملڪن جي قومي شپنگ ڪارپوريشنز جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو ويو. پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ سڌي پروازن جي سلسلي ۾ ڪم تيز ڪرڻ تي اتفاق ٿيو. پاڪستان حلال اٿارٽي ۽ بنگلاديش اسٽينڊرڊز اينڊ ٽيسٽنگ انسٽيٽيوٽ جي وچ ۾ ايم او يو تي دستخط ڪيا ويا، جنهن سان معيار ۽ سرٽيفڪيشن ۾ تعاون وڌائڻ جو رستو هموار ٿيندو. پڌرائي مطابق، اجلاس ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ناليج ڪوريڊور قائم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. بنگلاديشي شاگردن لاءِ پاڪستان ۾ 500 نيون ۽ مڪمل فنڊ ٿيل اسڪالرشپس جي تجويز ڏني وئي. پاڪستان ٽيڪنيڪل اسسٽنس پروگرام تحت تربيت جي سيٽون 5 کان وڌائي 25 ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.22