اميد آهي ته هي فيلڊ مارشل ڪشمير جو مسئلو حل ڪندو: ڪامران ٽيسوري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته مون کي اميد آهي هي فيلڊ مارشل عاصم منير ڪشمير جو مسئلو حل ڪندو.
پنهنجي بيان ۾ ڪامران ٽيسوري چيو يقين رکان ٿو ته اسان هڪ ڏينهن ڪشمير کي پاڪستان جو حصو بڻائينداسين، وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس ڀرپور نموني وڙهي رهيو آهي.
هن چيو ته اسان ڪشميرين سان گڏ آهيون، کين آزادي جو حق ڏياري ئي ساهه پٽينداسين، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڪشمير پاڪستان جو حصو هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.