ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ مٿان آهي، پاڪستان خلاف هر ميچ کٽڻ چاهيون ٿا: ڏکڻ آفريڪي ڪپتان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ڊونوون فريرا چيو آهي ته پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز انتهائي اهم آهي، ڇاڪاڻ ته ورلڊ ڪپ ويجهو اچي رهيو آهي.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، جيڪا پاڪستاني وقت موجب رات اٺين وڳي شروع ٿيندي.
راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڊونوون فريرا چيو ته ڏکڻ آفريڪا تازو ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، اسان وٽ باصلاحيت بيٽر ۽ بالر موجود آهن.
سندس چوڻ هو ته پريڪٽس نه ٿيڻ سبب هو اڃا پِچ نه ڏسي سگهيو آهر، پر سڀاڻي هڪ ٻن بالن کان پوءِ پتو پئجي ويندو ته وڪيٽ ڪهڙي قسم جي آهي، اسان جو مقصد هر ميچ کٽڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.