پاڪستان پينل ڪوڊ تحت ڪتا مارڻ ڏوهه آهي: جسٽس خادم سومرو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رولو ڪتن جي خاتمي ۽ نسل ڪشي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس خادم سومرو ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان پينل ڪوڊ تحت ڪتا مارڻ ڏوهه آهي.
ڪيس جي ٻڌڻي دوران 9 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ مئل ڪتن جي وائرل وڊيو تي جسٽس خادم سومرو جو سرڪاري وڪيلن سان مڪالمو ٿيو، هن ريمارڪس ڏنا ته مئل ڪتن جي معاملي تي ڊرائيور تي ايف آءِ آر ٿيندي، ڪيس ٿيندو ته هو ٻڌائيندو ته ڪنهن جي چوڻ تي اهو ٿيو.
جسٽس خادم سومرو چيو ته سي ڊي اي جي گاڏي ۾ ڪتا مئل هئا، وڊيو ٺهي ۽ ڊرائيور ڀڄي ويو، اسلام آباد جهڙي ڪيپيٽل ۾ به ڪتن جي حقن لاءِ پٽيشن اچڻ حيران ڪندڙ آهي.
سي ڊي اي جي وڪيل چيو ته جنهن گاڏي ۾ مئل ڪتا هئا اها سينيٽيشن جي گاڏي هئي، ڪوئي گاڏي هڻي وڃي پوءِ به انهن ڪتن کي کڻڻ سينيٽيشن وارن جو ڪم آهي.
جسٽس خادم سومرو چيو ته ايترا ڪتا هڪ وقت ۾ ڪير نٿو ماري سگهي، پاڪستان پينل ڪوڊ تحت ڪتن کي مارڻ ڏوهه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.