آمريڪي بحريا جو هيلي ڪاپٽر ۽ ويڙهاڪ جهاز هڪٻئي پويان حادثن ۾ ڪِري تباهه

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي بحريا جو هيلي ڪاپٽر ۽ ويڙهاڪ جهاز ٻن مختلف حادثن ۾ ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿي ويا.
آمريڪي اختيارين موجب آچر ڏينهن ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ آمريڪي بحريا جي هيلي ڪاپٽر ۽ ويڙهاڪ جهاز سان حادثا پيش آيا پر ڪنهن قسم جو جاني نقصان نه ٿيو.
پهريون حادثو هڪ ايم ايڇ – 60 آر سي هاڪ هيلي ڪاپٽر سان پيش آيو، جيڪو معمول جي اڏام دوران سمنڊ ۾ ڪري پيو، هيلي ڪاپٽر ۾ سوار ٽنهي اهلڪارن کي سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن حفاظت سان ڪڍي ورتو.
آمريڪي بحريا موجب تقريبن اڌ ڪلاڪ کانپوءِ هڪ ايف/اي – 18 ايف سپر هارنيٽ هيڙهاڪ جهاز به ان ئي سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿيو، جهاز ۾ موجود ٻئي اهلڪار حادثي کان اڳ نڪري ويا هئا ۽ انهن کي به حفاظت سان ريسڪيو ڪيو ويو.
آمريڪي بحريا چيو ته سمورا اهلڪار محفوظ آهن ۽ واقعن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.