راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو آهي ته اسان وٽ هڪ نهايت باصلاحيت ٽيم موجود آهي، اسڪواڊ ۾ ڪجهه رانديگرن جي واپسي ٿي آهي جڏهن ته ڪجهه نوان چهرا به شامل ڪيا ويا آهن.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، ميچ پاڪستاني وقت موجب رات اٺين وڳي شروع ٿيندي.
ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي سلمان علي آغا چيو ته ٽيم جي قيادت ڪرڻ تي پرجوش آهيان ۽ اميد آهي ته مداحن کي هڪ شاندار سيريز ڏسڻ لاءِ ملندي، اسان بنگلاديش خلاف به گهرو سيريز ۾ زبردست ڪارڪردگي ڏيکاري هئي ۽ ايندڙ سيريز ۾ سٺن نتيجن جي اميد آهي.
هن چيو ته اسان جو مقصد پنهنجي حڪمت عملي تي تسلسل سان عمل ڪرڻ آهي، پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم هميشه کان ئي انتهائي مضبوط رهي آهي ۽ ڪنهن به مخالف کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
سلمان علي آغا جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ مهمان ٽيم جا ڪجهه رانديگر ان فِٽ هئڻ سبب سيريز مان ٻاهر ٿي ويا آهن، پر ان باوجود پروٽيز هڪ مضبوط ٽيم آهي ۽ ٽيم ۾ هن وقت به بهترين ميچ ونر موجود آهن.
پاڪستان شروع کان ٽي ٽوئنٽي ۾ مضبوط رهيو آهي، ڪنهن به مخالف کي شڪست ڏئي سگهون ٿا: سلمان علي آغا
You might also like