اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب هلندڙ مالي سال 26-2025 ۾ پاڪستان کي هڪ ارب ڊالرن جي آئل فيسيلٽي فراهم ڪندو، جڏهن ته 5 ارب ڊالر جا ڊيپازٽس به رول اوور ڪندو.
ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب سعودي عرب هلندڙ مالي سال پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر جي آئل فيسيلٽي ڏيندو، جيڪا 290 ارب رپين جي برابر هوندي.
اختيارين ٻڌايو ته سعودي عرب 5 ارب ڊالرن جا ڊيپازٽس به رول اوور ڪندو، 2 ارب ڊالر ڊسمبر، جڏهن ته 3 ارب ڊالر قرض جون 2026 ۾ ادا ڪرڻو هو.
اختيارين موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 3 مهينن ۾ 85 ارب رپين کان وڌيڪ جي آئل فيسيلٽي ڏني وئي، سعودي عرب طرفان فراهم ڪيل سهولت 30 ڪروڙ ڊالرن جي برابر آهي.
سعودي عرب ماهوار بنيادن تي 10 ڪروڙ ڊالر جي آئل فيسيلٽي فراهم ڪري رهيو آهي، پاڪستاني ڪرنسي ۾ اها سهولت 28 ارب 27 ڪروڙ رپيا ماهوار آهي.
ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب سعودي عرب پاڪستان کي 5 ارب ڊالر ٽائم ڊيپازٽس 4 سيڪڙو وياج جي شرح تي رکيا آهن، سعودي عرب انهن فنڊن جي ادائيگي هر سال رول اوور ڪندو آهي، قرض جي مد ۾ سعودي ڊيپازٽس 1450 ارب رپين جي برابر آهن.
سعودي عرب پاڪستان کي اهو قرض بجيٽ سپورٽ جي مد ۾ فراهم ڪيو آهي.
You might also like