پ پ جي خدشن تي نواز شريف پاران مريم نواز جي حمايت، شهباز شريف کي انڪار

اسلام آباد/لاهور (شڪيل ملڪ) پ پ ۽ ن ليگ ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ پ پ جي خدشن تي وزيراعظم شهباز شريف پ پ کي خاطري ڪرائي هئي ته مون کي مهيني جو ٽائم ڏيو مان نواز شريف سان ڳالهائيندس پر نواز شريف ته انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهوڪي ملاقات ۾ نواز شريف سڄو وزن مريم نواز تي رکي ڇڏيو، هاڻي وزيراعظم لاءِ ڏکيائيون ٿينديون. ملاقات ۾ نواز شريف وزيراعظم شهباز شريف ۽ مريم نواز ٻنهي جي ڪمن جي تعريف ڪئي. پيپلزپارٽي جو مطالبو هو ته مريم نواز بيان بازي روڪي ۽ پنجاب ۾ پاور شيئرنگ ڏني وڃي پر مريم نواز پنجاب حڪومت ۾ پ پ جي مداخلت جي اجازت ناهي ڏئي رهي ۽ نواز شريف سندس موقف جي حمايت ڪئي آهي. پر لڳي ٿو ته وزيراعظم پ پ کي قائل ڪري وٺندو ڇو ته پ پ کي آزاد ڪشمير ۾ حڪومت گهرجي، ان لاءِ پ پ ڪافي هوم ورڪ ڪري چڪو آهي. پ پ وٽ 17 سيٽون آهن، فارورڊ بلاڪ وٽ 20 ميمبر آهن، ڪل هائوس 52 ميمبرن تي آهي. حڪومت ٺاهڻ لاءِ 27 ووٽ گهرجن ۽ ن ليگ جا 9 ووٽ آهن. ن ليگ اڳ ئي چيو هو ته هو سياسي رساڪشي جو حصو نه بڻجندا. ن ليگ ساٿ نه ڏيندي ته فارورڊ بلاڪ کي شامل ڪيو ويندو پر اتي اهڙيون 2 حڪومتون وڃي چڪيون آهن. ٻئي پاسي صدر زرداري ۽ شهباز شريف جو رابطو ٿيو آهي. لڳي ٿو ته انوارالحق پاڻ ئي استعيفيٰ ڏيندو پر نئين وزيراعظم جي نامزدگي لاءِ پ پ کي ن ليگ جي ضرورت پئي ته پنجاب ۽ سنڌ حڪومت وارو مسئلو به حل ٿي ويندو. نواز شريف چيو آهي ته مريم نواز ڇو پ پ کان معذرت ڪري؟ يا اهڙو رويو رکي جو اهو تاثر وڃي ته پ پ ڪامياب ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.