ڪراچي: سچل ڳوٺ مان ڦورن جو 3 رڪني گروهه پڪڙيو ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي سچل ڳوٺ مان ڦورن جو 3 رڪني گروهه پڪڙيو ويو.
پوليس موجب اهو گروهه مختلف علائقن ۾ 50 کان وڌيڪ اسٽريٽ ڪرائم جي وارداتن ۾ ملوث آهي، جوابدارن هٿيارن جي زور تي عورت جي ڪن مان واليون به لاٿيون هيون.
پوليس ٻڌايو ته گرفتار ڪيل ڦورن ۾ عبدالصمد، رضوان ۽ آفتاب شامل آهن، انهن جي قبضي مان پسٽل، موبائل فونز ۽ روڪ رقم برآمد ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.