شادي تقريب دوران رقص ڪندڙ کدڙن فقيرن سان هٿ چراند تي جهيڙو، 3 ڄڻا مارجي ويا

بنون (ويب ڊيسڪ) بنون ۾ شادي تقريب ۾ موسيقي دوران ٻن گروپن ۾ فائرنگ سبب 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب بنون جي علائقي نار جعفر ۾ رات دير سان شادي تقريب ۾ موسيقي جاري هئي ۽ ڊي جي ميوزڪ تي کدڙا فقير رقص ڪري رهئا هئا ته ان دوران هڪ کدڙي فقير سان هٿ چراند ڪرڻ تي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.
ان دوران ٻئي ڌريون جيڪي هٿيارن سان ليس هيون، هڪٻئي تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب مارجي ويلن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال نيو ويو، جتي 3 جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.