ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ماڊل ۽ اداڪارا ونيزا احمد انڪشاف ڪيو آهي ته مان ڪيترائي سال اڳ شروعاتي درجي جي ڪينسر (لمفوما) ۾ مبتلا ٿيس پر قرآن پاڪ جي تلاوت، روحاني عبادتن ۽ دعائن ذريعي مڪمل صحتياب ٿي ويس.
نجي ٽي وي چينل جي شو ۾ ڳالهائيندي ونيزا احمد چيو ته پنهنجي فيشن ڪيريئر جي عروج دوران مسلسل ٻاهرئين ملڪ جو سفر ڪرڻ سبب مون کي مٿي ۾ سور رهڻ لڳو، شروعاتي طور ڊاڪٽرن چيو ته ڳاٽي ٽوڙ بخار آهي، پوءِ ٽيسٽ جي نتيجي ۾ لمفوما جي سڃاڻپ ٿي.
سندس موجب ڊاڪٽرن چيو ته بيماري زيرو اسٽيج تي آهي پر مان خوفزده هيس، پوءِ مان هڪ روحاني عورت وٽ ويس، جنهن قرآن پاڪ جون سورتون پڙهڻ ۽ دعا گهرڻ جو چيو.
هن چيو ته مان ڪيموٿراپي يا آپريشن نه ڪرايو، رڳو دعا، ذڪر ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت تي يقين رکيو، ڪجهه هفتن ۾ ئي منهنجون رپورٽون ڪليئر اچي ويون ۽ اڄ صحتمند زندگي گهاري رهي آهي.
ونيزا احمد چيو ته بيمارين کان ڇوٽڪاري لاءِ ايمان، صبر ۽ دعا سڀ کان وڏيون دوائون آهن.
You might also like