اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي شهرين کي تنبيهه ڪندي هوشيار رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته شهري پنهنجي آڱوٺي ۽ آڱرين جا نشان فراهم ڪندي انتهائي محتاط رهن، جعلساز مختلف ڏٺا ڏئي فنگر پرنٽس حاصل ڪري رهيا آهن، انهن جو خاص هدف عام شهري آهي، جن کي اهي فوري طور سم ڪارڊ يا امدادي اسڪيم جو ڏٺو ڏئي کانئن فنگر پرنٽس حاصل ڪري وٺندا آهن، دوکيبازي سان حاصل ڪيل سمون عام طور تي سنگين قسم جي ڏوهن ۾ استعمال ڪيون وينديون آهن.
پي ٽي اي موجب پنهنجي سم ڪنهن ٻئي کي ڏيڻ قانوني ڏوهه آهي، ڇو ته توهان جي نالي تي رجسٽرڊ سم ذريعي ڏوهه به ٿي سگهن ٿا، چيڪ ڪيو ته توهان جي سڃاڻپ ڪارڊ تي ڪيتريون سمون آهن، ان لاءِ پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ 668 تي ايس ايم ايس ڪيو ۽ اڻڄاتل سم کي فوري طور بلاڪ ڪرايو.
You might also like