لاهور (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم وائيٽ بال سيريز لاءِ 2026 ۾ ٻه ڀيرا پاڪستان ايندي.
ذريعن موجب پهرئين مرحلي ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز 30 جنوري کان 5 فيبروري تائين کيڏي ويندي، جيڪا ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ ۾ ٿيندي.
ورلڊ ڪپ کانپوءِ ٻئي مرحلي ۾ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز 13 کان 19 مارچ تائين شيڊيول آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جلد سيريز لاءِ وينيوز ۽ شيڊيول جو باضابطا اعلان ڪندو.
You might also like