ڳالهين سان معاملا طئي نٿا ٿين ته پوءِ افغانستان سان اسان جي کليل جنگ آهي: خواجا آصف

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته جيڪڏهن افغان طالبان سان ڳالهين ۾ معاملا طئي نٿا ٿين ته پوءِ افغانستان سان اسان جي کليل جنگ آهي.
سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته اسان جي فوج ۽ پوليس قربانيون ڏئي رهي آهي، اسان ۽ توهان ان ڪري سڪون سان سمهندا آهيون، ڇو ته محافظ جاڳندا آهن.
هن چيو ته اسان 40 سالن تائين افغانين جي مهمان نوازي ڪئي، دوحا ۾ جن سان ڳالهيون ڪيون سين، اهي سڀ پاڪستان ۾ وڏا ٿيا، سمجهه ۾ نٿو اچي ته ايتري مهمان نواز باوجود افغانستان جو اسان سان اهڙو رويو ڇو آهي؟ افغانستان اسان جي خلاف ڀارت جي پراڪسي طور ڪم ڪري رهيو آهي، افغان پناهگيرن روزگار ۽ ڪاروبار تي قبضو ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته گذريل 4، 5 ڏينهن کان ڪو واقعو ناهي ٿيو، جيڪڏهن ڳالهين سان معاملا طئي نٿا ٿين ته پوءِ افغانستان سان اسان جي کليل جنگ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.