اسلام آباد(ڊاڪٽر فرخ سليم) عالمي منڊي ۾ سون جي قيمت $4,370 في اونس تائين پهچي وئي آهي۔ گولڊ مارڪيٽ جا ماهر چون ٿا ته ايندڙ مهيني تائين اها قيمت $5,500 تائين پهچي سگهي ٿي، ۽ سال جي آخر تائين امڪان آهي ته $8,000 في اونس تائين وڃي، جنهن سان پاڪستان ۾ في تولو سون لڳ ڀڳ 10 لک رپيا تائين ٿي سگهي ٿو،هن واڌ جا ٻه اهم سبب ٻڌايا پيا وڃن،عالمي مالي نظام ۾ وڏي تبديلي اچڻ واري آهي۔ڪرنسي نوٽن (ڊالر، رپئي وغيره) تي عوام جو اعتماد گهٽجي رهيو آهي، ۽ ماڻهو پنهنجي بچت سون ۾ محفوظ ڪرڻ چاهين ٿا، آمريڪا ۾ ڊالر جي قيمت گهٽجي رهي آهي، پر پاڪستان ۾ اڃا تائين 280–282 رپيا في ڊالر جي سطح تي آهي۔ ڪيترائي ماهر چون ٿا ته ڊالر جي “حقيقي قيمت” شايد 250 رپيا يا ان کان گهٽ هجڻ گهرجي، اسٽيٽ بئنڪ گذريل 3 سالن ۾ 20 ارب ڊالر مارڪيٽ مان خريد ڪيا آهن، جنهن مان صرف هن سال 8 ارب ڊالر خريد ڪيا ويا۔ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان جي مارڪيٽ ۾ ڊالر جي دستيابي وڌي آهي، جيڪا واپار ۽ برآمد جي سٺي حالت ڏيکاري ٿي،جڏهن ته آءِ ايم ايف سان ٿيل ڳالهين ۾ پاڪستان جي واپاري انگن اکرن ۾ 6 ارب ڊالر جو فرق نڪتو آهي، جڏهن ته 2021–22 ۾ اهو فرق 10.8 ارب ڊالر هو، حڪومت هڪ فارمولي تي غور ڪري رهي آهي جنهن سان جي ڊي پي واڌ شرح 6–7 سيڪڙو تائين آڻي سگهجي ٿي،معاشي ماهرن تجويز ڏني آهي ته ڪارپوريٽ ٽيڪس20 کان 20 سيڪڙو تائين گهٽايو وڃي،پي آءِ اي سميت نقصان ڏيندڙ سرڪاري ادارا خانگي سيڪٽر کي وڪرو ڪيا وڃن،انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي،نوجوانن کي فني مهارتون ڏنيون وڃن،بهتر حڪمراني، قانون جي بالادستي ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪيو وڃي۔ڊاڪٽر سليم چيو ته دنيا ۾ 193 ملڪن مان صرف هڪ ملڪ (افريقا ۾) اهڙو آهي جتي ڪارپوريٽ ٽيڪس پاڪستان کان وڌيڪ آهي،اهڙي صورتحال ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري پاڪستان ۾ اچڻ اقتصادي طور فائديمند نه آهي، ڇو ته ڪمپنيون سو رپيا ڪمائي 60 رپيا ٽيڪس ۾ ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿينديون۔