نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) ملڪ جي سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ميچ فڪسنگ کي فوجداري ڏوهه قرار ڏنو وڃي، جيئن غيرقانوني سٽيبازن ۽ ڪرپٽ رانديگرن جو گهيرو تنگ ڪري سگهجي.
پرڏيهي خابرو اداري ”اي ايف پي“ موجب، دنيا جي امير ترين ڪرڪيٽ بورڊ سپريم ڪورٽ ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ميچ فڪسنگ وارو عمل فوجداري ڏوهن جي زمري ۾ اچي ٿو.
عدالت ۾ 14 آڪٽوبر تي جمع ڪرايل دستاويزن ۾ بي سي سي آءِ چيو ته ”اِهو قدم راند جي حفاظت لاءِ کنيو ويو آهي، ڇو ته ڪرڪيٽ ميچن ۾ بدعنواني وارا لاڙا راند جي ساک تي ناڪاري اثر وجهن ٿا.“
بي سي سي آءِ جو موقف آهي ته ميچ فڪسنگ ”دوکي ذريعي ٿيل چيٽنگ“۾ اچي ٿي، جيڪا اڳ ئي ڀارتي ڏوهن جي قانون (آءِ پي سي) تحت ڏوهه آهي، انڪري ان کي پڻ فوجداري ڏوهه طور تسليم ڪيو وڃي.
واضح رهي ته اِها اپيل 2018–2019ع دوران ڪرناٽڪا رياست ۾ هڪ رياستي ڪرڪيٽ ليگ ۾ مبينا ميچ فڪسنگ الزامن سان لاڳاپيل آهي، جنهن ۾ ڇهه ڄڻا، جنهن ۾ ٻه ڪرڪيٽر، ڪوچ ۽ ٽيم جو مالڪ پڻ شامل هئا.
پر 2022ع ۾ رياستي هاءِ ڪورٽ ان ڪيس کي فوجداري ڪيس طور تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.
ڀارت ۾ ميچ فڪسنگ جو پهريون وڏو اسڪينڊل اپريل 2000ع ۾ سامهون آيو، جڏهن پوليس سٽيبازن ۽ ڏکڻ آفريڪي ڪپتان هانسي ڪرونئي جي وچ ۾ ٿيل فون ڪالز جو رڪارڊ هٿ ڪيو، جيڪي ڀارت جي دوري دوران ٿيون هيون.
هانسي ڪرونئي بعد ۾ ميچ فڪسنگ جو اعتراف ڪندي چيو ته کيس ڀارتي ڪپتان محمد اظهرالدين سٽيبازن سان متعارف ڪرايو هو.
ان کانسواءِ 2013ع ۾ به هڪ وڏو تڪرار تڏهن سامهون آيو جڏهن انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) دوران راجستان رائلز ۽ چنائي سپر ڪنگز جي رانديگرن ۽ عملدارن کي اسپاٽ فڪسنگ ۽ سٽيبازي ۾ ملوث قرار ڏنو ويو.
جاچ کانپوءِ بي سي سي آءِ ان وقت ملوث رانديگرن تي پابنديون مڙهي ۽ ٻنهي فرنچائز کي ٻن سالن سال لاءِ معطل ڪيو هو.
بي سي سي آءِ 2019ع ۾ پنهنجو ”اينٽي ڪرپشن ڪوڊ“ متعارف ڪرايو، جنهن تحت بورڊ کي ڏنڊ ۽ تاحيات پابنديون لاڳو ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي.
عدالت ۾ جمع ڪرايل ضابطي ۾ چيو ويو آهي ته ”عوام جو ڪرڪيٽ جي نتيجن تي اعتماد برقرار رهڻ نهايت ضروري آهي، جيڪڏهن اِهو اعتماد ٽٽي پيو ته ڪرڪيٽ جا بنياد ڌڏي ويندا.“
پاڙيسري ملڪ سريلنڪا 2019ع ۾ ميچ فڪسنگ خلاف سخت قانون لاڳو ڪيا، جن تحت ڏهه سال تائين قيد ۽ ڏهه ڪروڙ سريلنڪن رپيا (تقريبن ٽي لک ٽيتاليهه هزار آمريڪي ڊالر) تائين ڏنڊ مقرر ڪيو ويو.
سريلنڪا جي اڳوڻي اسپنر سچٿرا سينا نائڪي تي انهن قانونن تحت پهريون ڪيس داخل ڪيو ويو، پر هن پاڻ مٿان لڳايل هڙئي الزام رد ڪري ڇڏيا هئا.
” سٽيبازي نه روڪي وئي ته ڪرڪيٽ جا بنياد ڌڏي ويندا“ بي سي سي آءِ جي ميچ فڪسنگ کي فوجداري ڏوهه قرار ڏيڻ جي اپيل
You might also like