لڪي علي، جاويد اختر کي ”وحشي“ ۽ ”شيطان“ قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي گلوڪار ۽ اداڪار لڪي علي، ليکڪ ۽ نغمه نگار جاويد اختر تي مسلم مخالف بيان ڏيڻ تي سخت تنقيد ڪندي ماڻهن کي صلاح ڏني آهي ته هو ” هن جهڙا نه بڻجو، ساڳئي وقت نالو کڻڻ کانسواءِ جاويد اختر کي ”وحشي“ ۽ ”شيطان“ به قرار ڏنو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ويجهڙائيءَ ۾ جاويد اختر جي هڪ پراڻي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ لڪي علي ايڪس تي ردعمل ظاهر ڪيو.
لڪي علي بنگال سان واسطو رکندڙ هڪ ليکڪا جي پوسٽ تي تبصرو ڪندي چيو ته ”جاويد اختر جهڙا نه بڻجو“، جڏهن ته ان ليکڪا لکيو هو ته ” اردو اڪيڊمي اولهه بنگال جاويد اختر جي مسلمان مخالف بيانن سبب کيس پنهنجي پروگرام ۾ دعوت ڏيڻ جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي.“
ليکڪا چيوته ” جاويد اختر هندن کي چيو هو ته مسلمانن جهڙا نه بڻجو، انهن کي پان جهڙو بڻايو، الميو اهو آهي ته توهان پاڻ مسلمانن جهڙا ٿي رهيا آهيو.“
ليکڪا جو چوڻ هو ته اهڙي بيان کانپوءِ جاويد اختر کي اردو اڪيڊمي جي تقريب ۾ نه گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
عورت ليکڪا جي پوسٽ تي لڪي علي ردعمل ڏيندي چيو ته ”جاويد اختر جهڙا نه بڻجو“، ۽ هڪ ٻي پوسٽ ۾ سندس نالو وٺڻ کانسواءِ کيس ”بدتميـز“، ”بدصورت“، ”وحشي“ ۽ ”شيطان“ به سڏيو.
لڪي علي لکيو ته ان ڳالهه جو مطلب اِهو هو ته ”تڪبر بُرو عمل آهي“ ۽ اهو به چيو ته ”وحشي ۽ شيطان ماڻهن جا به ايموشن هوندا آهن، جيڪڏهن سندس ڳالهه سان ڪنهن وحشي ۽ شيطان کي تڪليف پهچي هجي ته هو معافي وٺي ٿو.“
ان کانپوءِ ۾ لڪي علي هڪ ٻي پوسٽ ۾ جاويد اختر جو نالو لکي سرعام معافي پڻ ورتي ۽ وضاحت ڪئي ته هن جاويد اخترجي هڪ پراڻي ايڊٽ ٿيل وڊيو ڏٺي هئي جنهن بعد هن سخت لفظ استعمال ڪيا.
لڪي علي چيو ته سندس ارادو جاويد اختر جي شخصي صورت تي الزام لڳائڻ نه هو، هو ٻين ماڻهن وانگر هڪ ايڊٽ ٿيل ڪلپ ڏسي غلط سمجهي ويٺو.
گلوڪار جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو هميشه ايماندار، بيباڪ ۽ پنهنجي عقيدي سان وفادار رهيو آهي، ۽ هاڻي کان آن لائين ڄاڻ کي شيئر ڪرڻ کان اڳ ٻه ڀيرا چيڪ ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.