لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پي ايس ايل جي ساک کي ڇيهو رسائڻ ۽ معاهدي جي ڀڃڪڙي تي فرنچائز ملتان سلطانز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو .
ذريعن موجب، پي سي بي طرفان ڏهن سالن واري معاهدي جي مختلف شقن جي ڀڃڪڙي تي فرنچائز کي نوٽيس موڪليو ويو آهي. جيڪڏهن فرنچائز طرفان اطمينان بخش جواب نه مليو ته معاهدو ر ڪرڻ سان گڏ مالڪن کي بليڪ لسٽ به ڪيو وڃي سگهجي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فرنچائز پي ايس ايل 10 شروع ٿيڻ کان اڳ ئي هڪ ناڪاري مهم هلائڻ شروع ڪئي، جنهن جو مقصد ليگ جي ساک کي متاثر ڪرڻ هو.
ذريعن موجب، فرنچائز جي مالڪ سوشل ميڊيا انٽرويوز ۽ پوڊ ڪاسٽس ۾ پي ايس ايل خلاف ڳالهائيندو رهيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مهم جو مقصد ليگ جي ”ويليوئيشن“ کان اڳ ان کي ڊي ويليو ڪرڻ هو.
ذريعن جو اِهو به چوڻ آهي ته پي ايس ايل پاڪستان جو هڪ وڏو برانڊ آهي، ڪير پنهنجي ئي برانڊ کي نقصان پهچائيندو؟ فرنچائز پبلڪ ۾ تنقيد ته ڪئي پر پي سي بي کي ڪڏهن به لکت ۾ ڪا تجويز نه ڏني.
ذريعن موجب فرنچائز طرفان معاهدي جي ٻن اهم شقن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي.
سڀني فرنچائزز معاهدي ۾ اهو شرط تسليم ڪيو هو ته اهڙي تنقيد نه ڪئي ويندي جيڪا ليگ جي ساک تي ناڪاري اثر وجهي، پر ملتان سلطانز ان معاهدي جي به ڀڃڪڙي ڪئي.
ذريعن موجب، فرنچائز جي مالڪ پنهنجي رانديگرن کي مخالف رانديگرن جي هيڊ گيئر (هيٽ يا هيلمٽ) تي بال هڻڻ جي صلاح ڏني ۽ ان جي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي، جنهن ۾ هڪ هزار ڊالر انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جڏهن پي ايس ايل جي ويليوئيشن مڪمل ٿيڻ واري آهي، اهڙو رويو برداشت جوڳو نه آهي.
ان کانسواءِ فرنچائز ويليوئيشن ڪمپني سان سهڪار ڪرڻ کان به انڪار ڪيو.
ذريعن موجب، پي سي بي جي نوٽيس ۾ فرنچائز کي انهن سڀني شقن جي ڀڃڪڙين بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پي ايس ايل جي ويليوئيشن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ڪئي ويندي.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل نوٽيس ۾ ملتان سلطانز جي مالڪ علي ترين کي پنهنجا بيان واپس وٺڻ ۽ پي ايس ايل انتظاميا کان عوامي معافي گهرڻ جو چيو ويو آهي.
You might also like