وزيراعظم صنعتن ۽ هارين لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف صنعتن ۽ هارين لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم سان صنعتي ۽ زرعي شعبي جي ماهرن ۽ ڪاروباري برادري جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ شهباز شريف صنعتن ۽ هارين لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو.
شهباز شريف چيو ته ايندڙ 3 سال تائين سڄو سال صنعتي ۽ زرعي شعبي کي واڌو بجلي 22 رپيا 98 پئسا في يونٽ مهيا ڪئي ويندي، صنعتن ۽ هارين کي نومبر 2025 کان آڪٽوبر 2028 تائين رعايتي قيمت تي واڌو بجلي ملندي.
هن چيو ته صنعتي شعبي کي 34 رپيا ۽ زرعي شعبي کي 38 رپيا في يونٽ تي ملندڙ بجلي جي قيمت گهٽائي واڌو يونٽس فراهم ڪيا ويندا، جڏهن ته ”روشن معيشت بجلي پيڪيج“ تحت فراهم ڪيل بجلي جو ٻوجهه نه گهريلو واهپيدارن ۽ نه ئي ڪو ٻيو شعبي برداشت ڪندو.
وزيراعظم چيو ته گذريل سال سياري ۾ ڏنل پيڪيج تحت صنعتي ۽ زرعي شعبي 410 گيگا واٽ واڌو بجلي استعمال ڪئي، جنهن سبب صنعتن جو ڦيٿو هليو، برآمدات ۾ واڌ ٿي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا، صنعت ۽ زراعت جا شعبا ترقي ڪندا ته ملڪ کي قرضن کان ڇوٽڪارو ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.