ڌاڙيلن لاءِ سرينڊر پاليسي عارضي حل،سماجي سڌارا ۽ اقتصادي موقعا پيدا ڪرڻ ضروري

لاهور(امداد سومرو)سنڌ حڪومت جي ”دهشتگردي ۽ ڌاڙيل خاتمي“ واري پاليسي تي عمل شروع ٿي ويو آهي۔ شڪارپور ضلعي ۾ لڳ ڀڳ 72 ڌاڙيلن هٿيارن سميت پوليس آڏو سرينڊر ڪيو۔ انهن وٽان لڳ ڀڳ 200 هٿيار به پوليس حوالي ڪيا ويا،اهي ئي اهي ڌاڙيل هئا، جيڪي اڳ ۾ وڊيوز ذريعي پوليس کي چئلينج ڪندا هئا ته “اچو اسان سان وڙهو”! مراد علي شاهه ۽ بلاول ڀٽو زرداري به ماضي ۾ چئي چڪا هئا ته “ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ فوج کان به وڌيڪ طاقتور هٿيار آهن، تنهنڪري پوليس اڪثر نقصان کائي ٿي۔”صدر آصف علي زرداري گذريل سال سکر ۾ علائقائي سردارن ۽ زميندارن کي گڏ ڪري چئي چڪو هو ته “امن قائم ڪيو، هي حد ٿي وئي آهي، هاڻي معصوم ٻارن ۽ مزدورن جا اغوا به عام ٿي ويا آهن،جنهن کانپوءِ  هڪ ”سرينڊر پاليسي“ تجويز ڪئي هئي، جيڪا هاڻي عملي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي۔انهن 72 ڌاڙيلن جي مٿان مجموعي انعامي رقم لڳ ڀڳ 6 ڪروڙ رپيا مقرر هئي — ڪنهن تي 20 لک، ڪنهن تي وڌيڪ۔ پوليس جي آپريشنز ۾ ڪيترائي مارجي ويا، ڪيترائي فرار ٿي ڪچي ۾ لڪي ويا، ۽ هاڻي سرينڊر ڪري رهيا آهن۔ حڪومت انهن کي يقين ڏياريو آهي ته جيڪڏهن اهي قانون جي حوالي ٿي وڃن ته عدالتن ۾ منصفاڻي ڪارروائي ٿيندي،خاندانن کي تڪليف نه ڏني ويندي،ٻارن کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون ڏنيون وينديون،۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ويندا۔ “هي قدم يقيناً سٺو آهي، پر تڏهن ئي پائيدار ٿيندو جڏهن ڪچي ۽ ان جي ڀرپاسي وارا علائقاهٿيارن کان پاڪ ڪيا ويندا ۽ ڀوتارڪي نظام جو خاتمو ڪيو ويندو۔”ڪچي ۾ ڪيترائي ماڻهو ڌاڙيل ان ڪري بڻيا جو برادري وارن جهڳڙن، زمين ۽ پاڻي جي تڪرارن ۾ ڦاسي ويا — ڪو ماڻهو مئو، دشمنيون وڌيون، ۽ پوءِ ماڻهو هٿيار کڻي ڪچي ۾ وڃي لڪي پيا۔انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ صرف پوليس ڪارروائي نه، پر سماجي اصلاح ۽ اقتصادي موقعا پيدا ڪرڻ به ضروري آهي، جيستائين ڪچي ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ صنعتون ۽ روزگار جا مرڪز نه ٺهندا، اوچتا آپريشن ۽ سرينڊر فقط عارضي حل آهن، نيشنل هاءِ وي جي ٻنهي پاسن تي انڊسٽريل زون ٺاهيا وڃن، جيئن نوجوان هٿيار بدران محنت کي ترجيح ڏين سنڌ ۾ هڪ پاسي ڪچي جي ڌاڙيلن جو هٿيارن سميت سرينڊر امن لاءِ سٺو اشارو آهي، پر ان سان گڏوگڏ ڀوتاري نظام، بي روزگاري ۽ سماجي نابرابري کي به ختم ڪرڻ ضروري آهي۔

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 23 آڪٽوبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.