پاڪستان ۾ 8 کرب ڊالر ماليت جا معدني خزانا ،پهريون سائنسي ثبوت ملي ويو؟

لاهور(معظم فخر) پاڪستان جي طرفان خلا ۾ موڪليل پهريون "هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ” هاڻي مڪمل طور ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ملڪ جي مختلف علائقن مان وصول ٿيندڙ تصويرن مان حيرت انگيز نتيجا حاصل ٿيا آهن۔ انهن ابتدائي تصويرن مان اهو ظاهر ٿيو آهي ته پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ قيمتي معدنيات (Minerals) ۽ ناياب ڌاتون (Rare Earth Minerals) موجود آهن، جن جي ماليت جو اندازو 8 ٽريلين ڊالر تائين لڳايو ويو آهي۔هي سيٽلائيٽ بلڪل ايڪس-ري مشين وانگر ڪم ڪري ٿو، جيڪو زمين جي سطح مان عڪس وٺي، ان ۾ موجود ذرڙن جي روشنيء ذريعي سائنسي انداز ۾ معلوم ڪري ٿو ته زمين جي هيٺ ڪهڙا مادا يا معدنيات موجود آهن۔اهو سيٽلائيٽ هر ٽئين ڏينهن پاڪستان جي مٿان گذري ٿو ۽ نه صرف معدنيات جي سڃاڻپ ڪري ٿو، پر زراعت، پاڻي جا ذخيرا، گليشيئرن جي پگھلڻ جي رفتار ۽ موسم جي تبديليءَ بابت به ڊيٽا مهيا ڪري ٿو۔آمريڪي رسالي فارين پاليسي  جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان معدنيات جي ڪڍڻ، ريفائن ڪرڻ ۽ واپار لاءِ بين الاقوامي سيڙپڪارن سان گڏجي ڪم شروع ڪري، ته ملڪ جي قسمت بدلجيسگهي ٿي،حڪومت پاران چين ۽ ٻين ملڪن جي مدد سان گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ وسيع پيماني تي جِيولوجيڪل سروي ڪرايا ويا۔انهن سروي رپورٽن مان ظاهر ٿيو آهي ته ملڪ ۾ ناياب ڌاتون، تانبو، لوهه، سون، ليٿيم، ۽ ٻين اهم معدنيات جا وڏا ذخيرو موجود آهن۔ماهرن جو چوڻ آهي ته صرف گلگت بلتستان مان ئي 6 کان 8 ٽريلين ڊالر جي معدنيت حاصل ٿي سگهي ٿي۔عالمي سيڙپڪارن جي دلچسپي ان ترقي کان پوءِ ڪيترن ئي ملڪن، جهڙوڪ چين، آمريڪا، سعودي عرب، ڪينيڊا، ۽ ترڪي پاڪستان سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن۔چيني ڪمپنين کي گلگت بلتستان ۾ مائننگ جا ڪنٽريڪٽ ڏنا ويا آهن، شرط هي آهي ته اهي معدنيات پاڪستان اندر ئي ريفائن ڪيون وڃن۔آمريڪا پڻ بلوچستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار آهي، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾۔رياستي ادارا هن وقت “فتنه الخوارج” ۽ “فتنه الهند” خلاف آپريشنز ذريعي خطي کي محفوظ بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ته جيئن مائننگ ۽ سيڙپڪاريءَ جا منصوبه محفوظ طريقي سان هلن۔

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 23 آڪٽوبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.