ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق طرفان صوبائي حڪومتن کي ڪڻڪ خريداري جي اجازت ڪاميابي آهي، ڪڻڪ جي امدادي قيمت 5 هزار رپيا في مڻ کان گهٽ نه هجڻ گهرجي.
پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو ته هارين کي مراعتون ڏيڻ چاهيون ٿا ته جيئن اهي وڌ کان وڌ ڪڻڪ پوکين، ايترو اسٽاڪ هجي جو ڪڻڪ درآمد نه ڪرڻي پئي، هن وقت خوراڪ کاتي وٽ 12 لک 65 هزار ٽن ڪڻڪ جو ذخيرو آهي، حڪومت ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن وٽ مجموعي طور تي 20 لک ٽن ڪڻڪ آهي.
هن چيو ته ننڍن هارين کي 55 ارب رپين جو پيڪيج ڏينداسين، غريب هارين کي مراعتن جي نگراني زراعت کاتو ڪندو.
ڪڻڪ جو اگهه 4 هزار رپيا مڻ هجڻ گهرجي، هارين کي 55 اربن جو پيڪيج ڏئي رهيا آهيون: مراد علي شاهه
Next Post
You might also like